- Advertisement -
وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ کي ڌمڪين وارا پيغام موڪليندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس 19 مئي تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.
جوابدارن يوسف رضا گيلاني ۽ علي موسيٰ گيلاني کي موبائل فون تي ڌمڪين وارا پيغام موڪليا هئا.
سي پي او صادق علي ڊوگر موجب پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، هڪ کي بيڏوهي هجڻ تي ڇڏيو ويو آهي.
صادق علي ڊوگر موجب ننڍي اليڪشن کان اڳ علي موسيٰ گيلانيءَ کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون مليون، قومي اسيمبلي جي ميمبر جي درخواست تي ئي ڪيس داخل ڪيو ويو……………- Advertisement -
