تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارت ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 52 سينٽي گريڊ رڪارڊ

- Advertisement -
ڀارت جي راڄڌاني واري شهر نئين دهلي ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 52 ڏهائي 3 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته اِهو گرمي پد اربع ڏهاڙي نئين دهلي جي ڀرپاسي واري علائقي منگيش پور ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. ڀارت جو سڀ کان گرم علائقو رياست راجستان جو وارياسو علائقو پهلودي آهي، جتي ڀارتي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 51 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو. ڀارتي ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته دهلي ۾ 52 ڏهائي 3 گرمي پد راجستان جي 51 ڊگري سميت اڳوڻن سمورن قومي رڪارڊن کي ٽوڙي ڇڏيو. ڀارتي موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ هر عمر جي ماڻهن کي هيٽ ويو ٿيڻ جو گهڻو امڪان آهي، وڏي عمر ۽ ڪمزور ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ جي اترين، اولهندي ۽ سينٽرل علائقن ۾ گرمي جي لهر سڀاڻي کان گهٽجي ويندي. 2022 ۾ دهلي جي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 49 ڏهائي 2 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيڪو ان وقت جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد هو. ڀارت ۾ سخت گرمي، برساتن ۽ ڪوهيڙي جو سبب موسمياتي تبديلي آهي، جنهن دنيا جي گرمي پد کي متاثر ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون