- Advertisement -
ري پبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان جي تڪرار کي ختم ڪيو وڃي.
مشي گن ۾ عرب امريڪن کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته وچ اوڀر ۽ امريڪا ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو ڪم نه ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪاملا هيرس جي به چونڊ مهم جاري آهي.
ڪاملا هيرس مهم ٽيم جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن واري ڏنهن ووٽ ڳڻپ کان ئي پنهنجي کٽڻ جي دعوى ڪري سگھي ٿو.
ٽيڪساس جي رياستي اسيمبلي ميمبر سلمان ڀوجاني جي چونڊن ۾ مسلم ووٽرن کي اپيل ڪندي چيو ته مسلم ڪميونٽي کي هيرس والز جي ٽڪيٽ کي هڪ عملي ۽ مفيد چونڊ طور ڏسڻ گھرجي.- Advertisement -
