- Advertisement -
ٽنڊو غلام علي ۾ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر سبب 2 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا.
شهر جي مين روڊ تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ 10 واٽر واسي نوجوان انيل ڀيل ۽ اشوڪ ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويا.
پوليس پهچي فوتي نوجوان جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو جنهن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
