روسي جي صدر ولاديمير پيوٽن رڪارڊ پنجون ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اقتدار تي پنهنجي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪري ورتي آهي.
پيوٽن روس جي 200 سالا تاريخ ۾ جوزف اسٽالن کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ اڳواڻ بڻجي ويو.
71 ورهين جو پيوٽن ڪـَي جـَيِ بي ليفٽيننٽ ڪرنل به رهي چڪو آهي، پيوٽن 1999 ۾ اقتدار ۾ آيو ۽ هاڻي وڌيڪ 6 سالن تائين اقتدار ۾ رهندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، روسي صدارتي چونڊن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 67 سيڪڙو رهيو.
ولاديمير پيوٽن 88 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ هو سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنڻدڙ روسي اڳواڻ بڻجي ويو.
صدارتي اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ چيچنيا ۾ 96 سيڪڙو ووٽنگ ٿي جڏهن ته روس کان ٻاهر سڄي دنيا ۾ 230 پولنگ اسٽيٽنن تي سوا لک ووٽرن پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪيو.
ٽي ڏينهن واري پولنگ ۾ صدر پيوٽن جي مقابلي ۾ 4 اميدوار هئا جن مان هڪ مخالف ڌر اڳواڻ اليڪسي نوالني پراسرار نموني جيل ۾ مارجي ويوهو.
ٻئي پاسي امريڪا روس جي صدارتي چونڊن تي تنقيد ڪندي چيو ته اليڪشن صاف شفاف ناهي ٿي.