- Advertisement -
اسرائيل جي غزه پٽي تي جارحيت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ وڌيڪ 92 فلسطيني شهيد ۽ 130 زخمي ٿيا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7آڪٽوبر کان شهيد فلسطينين جو انگ 31 هزار 700 کان وڌي ويو جڏهن ته 73 هزار 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
عرب ميڊيا موجب، شهيدن ۽ زخمين ۾ وڏو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي.
عرب ميڊيا موجب، وچ غزه ۽ ديرالبلاح تي حملن ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، يهودي فوج بيت الحمم جي ڪيمپ ۾ افطار تيارين ۾ مصروف فلسطينين کي به نشانو بڻايو.
ٻئي پاسي حزب الله هڪ ئي ڏينهن ۾ اسرائيل تي 8 حملا ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
حزب الله ترجمان جو چون آهي ته اسرائيلي ٺڪاڻن تي راڪيٽن ۽ ميزائلن سان حملا ڪيا، وازاني واري علائقي ۾ اسرئيلي فوجين جي هڪ اجتماع کي نشانو بڻايو، ان کان علاوه المالڪيه جي علائقي ۾ اسرائيلي فوج جي گاڏين تي به حملا ڪيا ويا.- Advertisement -
