تازه ترين

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بيهنسن اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملاقات

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بيهنسن اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ صوبائي وزير  ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر، ڄام خان شورو، شرجيل ميمڻ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا موجود هئا.

ملاقات دوران ورلڊ بينڪ جي ٽيم سان 13 منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ جي مدد سان شروع ڪيل منصوبن تي ڪم جاري آهي، چونڊن سبب ڪجهه منصوبن تي ڪم سستي جو شڪار ٿيو جن کي هاڻي تيز ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير چيو ته مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ هو قدم کڻي رهيا آهن.

ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ييلو لائن بي آر ٽي لاءِ ڄام صادق پل جي تعمير جو ڪانٽريڪٽ سائن ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ، ڄام صادق پل جي تعمير لاءِ شروعاتي ڪم شروع ٿي ويو آهي.

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پراپرٽي ٽيڪس سسٽم کي جديد طريقي سان لاڳو ڪرڻ سسٽم جو حصو آهي.

هن چيو ته سولڊ ويسٽ مينجمنٽ کي ٽيڪنيڪل سپورٽ ڏيڻ ۽ ايمرجنسي رسپونس ڪلڪ پروجيڪٽ جا حصا آهن.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي 23 ننڍن پراجيڪٽس مان 19 مڪمل ڪيا ويا آهن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
24 %
1.1kmh
0 %
سُومر
20 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون