وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينيٽ اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ اميدوارن کي واڌايون ڏنيون آهن.
سنڌ ۾ سينيٽ جي ٻارهن مان 10 سيٽون کٽڻ تي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته هيءَ شاندار ڪاميابي صدر آ صف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سياست ڏاهپ جو نتيجو آهي.
هن چيو ته صوبي مان ڏهن سيٽن تي پ پ جي ڪاميابي سٺي خبر آهي.
سيد مراد علي شاهه، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن تي ڪاميابي ماڻيندڙ سرمد علي ۽ بئريسٽر ضمير گهمري کي به واڌايون ڏنيون..