تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وڏي وزير مراد علي شاهه سان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيئڻ جو صاف پاڻي، گندي پاڻي جو نيڪال ۽ شمسي توانائي جي منصوبن کي اهميت ڏني ويندي، مهانگي بجلي جو ٻوجهه برداشت ڪرڻ عوام لاءِ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي، سولر سسٽم سستي بجلي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ترقياتي بجيٽ بابت پارٽي ڪارڪنن سان ڪيل صلاح مشوري واري اجلاس بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي، گندي پاڻي جو نيڪال ۽ شمسي توانائي جي منصوبن کي اهميت ڏني ويندي.

سندس چوڻ هو ته مهانگي بجلي جو ٻوجهه برداشت ڪرڻ عوام لاءِ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي، سولر سسٽم سستي بجلي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي پارٽي ڪارڪنن کي علائقن جي ترقياتي ڪمن بابت اعتماد ۾ ورتو آهي، پارٽي ڪارڪنن حڪومت جي طاقت آهن.

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته پارٽي ڪارڪنن طرفان ترقياتي ڪمن بابت ترجيحي پيپرز ملڻ شروع ٿي ويا آهن، پارٽي ڪارڪنن ۾ صلاح مشورن واري اجلاسن سان اعتماد وڌيو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.1 ° C
7.1 °
7.1 °
24 %
0.8kmh
0 %
خميس
6 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون