سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي مانسهره ڪالوني ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڏنل رپورٽ موجب، پوليس جي بروقت ڪارروائي سان پرڏيهي مهمان محفوظ رهيا، رڳو سندن هڪ گارڊ زخمي ٿيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پرڏيهي مهمانن جي سڪيورٽي تي مقرر سڪيورٽي جي علاج جو فوري بندوبست ڪيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هي دهشتگرد ڪير هئا، ڪٿان آيا هئا ۽ سندن مددگارن سميت سموري معلومات حاصل ڪئي وڃي.
وڏي وزير ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل بارود بابت به تفصيل معلوم ڪري ورتا.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ دشمن عنصر امن امان خراب ڪرڻ چاهن ٿا جنهن جي ڪنهن به قيمت تي اجازت نه ڏني ويندي، پوليس جي بروقت ڪارروائي بهترين قدم هو.