- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي ميمبرشپ بابت ٺهراءَ کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس آهي، عالمي قانون جي پاسداري بدران اسرائيل سري عام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، هو ايران خلاف اسرائيلي جارحيت بابت ميڊيا رپورٽن کي ڏٺو آهي، صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته سعودي پرڏيهي وزير جي سربراهيءَ ۾ وفد دورو مڪمل ڪري واپس هليو ويو آهي، وفد ۾ سعودي سيڙپڪاري لاءِ سعودي حڪومت جا وزير ۽ اعليٰ عهديدار شامل هئا.
سندس چوڻ هو ته سعودي وفد وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، سعودي پرڏيهي وزير ۽ وفد پاڪستاني قيادت سان اهم ڳالهيون ڪيون.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ان کان اڳ سعودي عرب جي اهڙي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان آمد جو مثال نٿو ملي، سعودي وفد جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو ڪامياب رهيو.
هن چيو ته سعودي وفد جي دوري ۾ پاڪستان ۾ 9 ارب ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري بابت ڳالهيون ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيون آهن پر عملي طور تي ڪجهه ممڪن نه ٿي سگهيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته سعودي وفد جو دورو وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان افسوسناڪ آهي، ڀارتي وزير جو بيان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، سفارتڪارن کي غيرقانوني بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت ڪشمير مسئلي کي 1948ع ۾ گڏيل قومن ۾ کڻي ويو، ڀارت گڏيل قومن ۾ پاڪستان ۽ ڪشميرين سان ڪيل واعدن جو انڪار نٿو ڪري سگهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪشميرين جو حق آهي ته اهي پنهنجي مذهبي آزادي موجب زندگي گذارن، هو ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين ڪشميرين جي حمايت جاري رکندا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هو مسئلن جو پرامن حل ۽ غزا ۾ جنگبندي چاهن ٿا، فلسطين مسئلي بابت پاڪستان فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، غزه سميت فلسطين جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، فلسطين ۾ ٿيل تباهي جو مثال نٿو ملي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي ميمبرشپ بابت ٺهراءَ کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس آهي، عالمي قانون جي پاسداري بدران اسرائيل سري عام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، هو ايران خلاف اسرائيلي جارحيت بابت ميڊيا رپورٽن کي ڏٺو آهي، صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.- Advertisement -
