تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وڳڻ ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان مارجي ويل ٻن سئوٽن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وڳڻ ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان مارجي ويل ٻن سئوٽن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا آهن، پوليس مقتول  زبير ۽ اسدالله پنهور جي قتل جو ڪيس پنج ڄڻن خلاف داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو  آهي.

ڳوٺ ياروديرو ۾ پنھور برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٿيل جھيڙي دوران مارجي ويل ٻن سوٽن ڪامرس ڪاليج جي شاگرد زبير احمد پنھور ۽ درزي اسد الله پنھور جي جنازي نماز ڪرڻ بعد سندن مڙھ مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا.

ٻنهي نوجوانن جي جنازي نماز ۾ مٽن مائٽن، ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مقتول زبير احمد پنھور جي پيءُ جي فرياد تي پنجن جوابدارن احمد رضا پنھور، زين پنھور، راجا پنھور، محمد صديق پنھور ۽ خليل پنھور خلاف وڳڻ ٿاڻي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي .

پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد  ٻن جوابدارن احمد رضا پنھور ۽ زين پنھور کي گرفتار ڪري ورتو آھي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون