- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تي وفاقي سرڪار يا آءِ ايم ايف ساڻس ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، وفاق ارڙهين ترميم تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، سموريون وزارتون ختم ڪيون ويون پر ٻين معاملن تي خدشا آهن، جنهن تي وفاقي سرڪار ڳالهيون هلن پيون، پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم بعد بجلي جا اگهه ڪجهه گهٽ ٿيندا، هنن ڪنهن به هائوسنگ اسڪيم کي زمين الاٽ ناهي ڪئي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ارڙهين ترميم بابت ڪنهن به قسم جي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي، وفاق ارڙهين ترميم تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته سموريون وزارتون ختم ڪيون ويون پر ٻين معاملن تي خدشا آهن، جنهن تي وفاقي سرڪار ڳالهيون هلن پيون، پيپلزپارٽي اهو ئي ڪندي جيڪو ملڪ جي فائدي ۾ هوندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هنن ڪنهن به هائوسنگ اسڪيم کي زمين الاٽ ناهي ڪئي.
وڏي وزير چيو ته اڄ پڙهيو ته پنجن آءِ پي پيز ڪمپنين سان معاهدو ختم ڪيو پيو وڃي، آءِ پي پيز ڪمپنين سان 1994ع ۾ 25 کان ٽيهن ورهين جو معاهدو ڪيو ويو هو، معاهدو ختم ڪرڻ سان بجلي جي قميت ۾ ڪجهه گهٽتائي ضرور ٿيندي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس خيال ۾ جيڪا واڌو توانائي آهي ان کي ڪتب آڻڻ ۾ ڪجهه گهٽتائي آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تجويز ڏني هئي ته گهٽ اگهه تي صنعتي ادارن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن پراڊڪشن ۽ روزگار ۾ اضافو ٿئي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته هن ٻڌو آهي ته سنڌ حڪومت جي تجويز تي سياريَ جي مند ۾ عمل ڪيو ويندو.- Advertisement -
