تازه ترين

يهودي فوج جي دهشتگردي آڏو عالمي ادارا به بيوس بڻيل، اسرائيلي فوج امداد جي منتظر وڌيڪ 17 ڄڻن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
يهودي فوج جي دهشتگردي آڏو عالمي اداري به بيوس بڻيل آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ غزه اسرائيلي فورسز وڌيڪ 71 فلسطينين کي شهيد ۽ ڪيترن ئي کي زخمي ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا جو چوڻ هي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 32 هزار 916 ٿي ويو آهي جڏهن ته 75 هزار 494  ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج امداد جي منتظر وڌيڪ 17 ڄڻن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته خان يونس ۽ رفح ۾ بمباري سبب وڌيڪ 9 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو. ٻئي پاسي گڏيل قومن ۽ ورلڊ بينڪ اسرائيلي حملن سبب غزه ۾ انفرا اسٽرڪچر جي تباهي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. گڏيل قومن ۽ ورلڊ بينڪ طرفان جاري رپورٽ ۾ تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جو ڪاٿو  18 ڏهائي 5 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. رپورٽ موجب، غزه ۾ نيڪال ۽ تعليم جو نظام مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي جڏهن ته 6هزار کان وڌيڪ شاگرد شهيد ۽ 10 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن ٻئي پاسي امريڪا اسرائيلي بمباري سبب امدادي رضاڪارن جي مارجڻ جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دير البلاح ۾ 7امدادي ورڪرن جو مارجڻ عالمي مسئلو آهي واقعي جي جاچ ٿيڻ گھرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
14 %
3.4kmh
0 %
ڇنڇر
27 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون