يهودي فورسز جي غزه تي وحشياڻي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 فلسطينين کي شهيد ۽ ۽ 120 کان وڌيڪ مانهن کي زخمي ڪيو ويو.
عرب ميڊيا موجب، رهائشي عمارت تي حملي ۾ 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته رفح ۽ خان يونس تي حملن ۾ 5 فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيدن جو مجموعي انگ 37 هزار 200 ٿي ويو ۽ 84 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي فلسطيني صدر غزه لاءِ فوري امداد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته امداد فلسطينين جي زخمن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪري سگھي ٿي.
محمود عباس اردن ۾ هنگامي امدادي ڪانفرن کي خطاب ڪندي چيو ته بي گهر ماڻهن لاءِ پاڻي، بجلي ۽خوراڪ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته غزه ۾ فلسطيني فاقا ڪشي برداشت ڪري رهيا آهن، عالمي برادري زميني گذرگاهن کي کولڻ لاءِ دٻاءُ وجهي.