تازه ترين

يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سفيٽي ايجنسي پي آءِ ايَ جي اڏامن تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

- Advertisement -
يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سفيٽي ايجنسي پي آءِ ايَ جي اڏامن تان پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پي آءِ اي ۽ ايئر ڊبليو کي ٿرڊ پارٽي آرپريٽر اٿرائيزيشن به جاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي ختم ڪرڻ هڪ يادگار موقعو آهي، ايوي ايشن واري وزارت ۽ سي ايَ ايَ طرفان سيفٽي معيار يقيني بڻائڻ سان اها ڪاميابي ملي. خواجه آصف چيو ته حڪومت سي ايَ ايَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن، پي آءِ اي تي پابندي جي خاتمي ۾ سي ايَ ايَ وڏي محنت ڪئي. بچاءَ واري وزير چيو ته پي آءِ ايَ جي ريٽنگ ٻين اڏامن کان بهتر ٿي  آهي، اميد ته برطانيا ۽ ٻيا ملڪ به پابندي ختم ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون