- Advertisement -
يوڪرين جي صدر ولودي مير زيلنسڪي روس سان جنگ ختم ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي.
برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب، يوڪريني صدر پنهنجي هڪ بيان ۾ ۾چيو ته اميد آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ طرفان امريڪي صدارت سنڀالڻ تي يوڪري جنگ ختم ٿي ويندي ۽ نئين امريڪي انتظاميا يقيني بڻائيندي ته جنگ ختم ٿي ويندي.
زيلنسڪي چيو ته هن ٽرمپ سان امريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران روس خلاف جنگ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.
ياد رهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ گذريل ٻن سالن کان جنگ جاري آهي، جنهن ۾ يوڪرين کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي، ان جنگ ۾ يوڪرين جي مختلف علائقن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.- Advertisement -
