- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي قلات ۾ دهشتگردن جي سڪيورٽي فورسز جي چيڪ تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن دوران 6 دهشتگردن مارجي يا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا ست جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو قلات جي علائقي شاهه مردان ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي چوڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب حملي دوران سڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ست جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.
ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن،استحڪام ۽ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي.- Advertisement -
