- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار يوڪرين جي مسئلي جو واحد حل ڳالهين کي قرار ڏنو آهي.
سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي، پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو ته يوڪرين جي مسئلي تي جٽادار امن لاءِ ڳالھھ ٻولھھ جي بالادستي واحد عمل جوڳو رستو آهي.
پاڪستاني نمائندي آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڌريون جاري سفارتي عمل مان پورو فائدو وٺنديون، اھي ڪوششون منصفاڻي ۽ جٽادار حل ڏانھن وٺي وينديون جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قبولڻ جوڳو هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته اهي ڪوششون يوڪرين ۽ روس جي سيڪيورٽي مفادن موجب هونديون ۽ يورپ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائينديون.- Advertisement -
