تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

يوڪرين طرفان روس جي جنگي جھاز کي ميزائل جي ذريعي تباھھ جي دعويٰ

يوڪرين دعويٰ ڪئي آھي ته روس جو اھم پري تائين وار ڪندڙ جنگي جھاز کي ميزائل جي ذريعي تباھھ ڪيو  آھي.

يوڪرين جي ترجمان موجب، روسي جنگي جھاز کي پنھنجي سرحد کان 300 ڪلوميٽر پري تائين سندس حد ۾ تباھھ ڪيو.

روسي ترجمان جو چوڻ ھو ته سندن جھاز يوڪرين تباھھ ناھي ڪيو پر ٽيڪنيڪي خرابي جي سبب ڪري تباھھ ٿيو آھي.

روسي ترجمان موجب جهاز ۾ سوار 4 ماڻھن مان ھڪ اجل جو شڪار ٿي ويو ۽ 2 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ھڪ شخص ھن وقت تائين گم آھي جنھن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

رپورٽس موجب يوڪرين ان کان پھريان صرف روسي جھاز کي ڪرائيندو ھو جيڪي ان جي حد ۾ ايندا ھئا پر پھريون ڀيرو يوڪرين روس جي سرحدي حد جي اندر حملو ڪري روسي جنگي جھاز ڪرايو ويو .

رپورٽس جي موجب روس جو tu_22M3 جنگي جھاز 22 ڪروز ميزائل سان ڀريل ھوندو آھي ۽ اھو پري تائين حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آھي، ان جھاز کي سڀ کان پھريان 1977 ۾ استعمال ڪيو ويو ھو، پر سال 2018 ۾ ان کان وڌيڪ ۽ جديد ٺاھيو ويو، عالمي اداري اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز جي موجب روس وٽ 57 اھڙا جھاز آھن

روسي جھاز يوڪريني شھر ڊنيپرو تي حملو ڪري وڌيڪ آبادي کي تباھھ ڪري ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ 9 ماڻھو مري چڪا آھن

ياد رھي ته روس ۽ يوڪرين جي وچ  ۾ جنگ جو آغاز فيبروري 2022 ۾ ٿيو ھو، ھڪ اندازي جي موجب جنگ ۾ ھاڙي ٻنھي ملڪن جا 50 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو مري چڪا آھن…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون