ٺارو شاهه ۾ شادي ۾ دهل وڄائڻ کان منع ڪرڻ تي سهتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ بخشڻ سهتو ۾ شادي ڪاڄ ۾ دهل وڄائڻ تان سهتا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
لٺيون سروٽا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ نويد علي، فرحان، نديم، فراز ۽ شاهنواز سهتو سميت ٻنهي ڌرين جا ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس نوابشاھه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمي فرحان سهتو ٻڌايو ته سندن گهر ۾ شادي ڪاڄ جون خوشيون هلي رهيون هنيون ته ويجهن مائٽن دهل وڄائڻ کان منع ڪيو ۽ گهر ۾ گهڙي حملو ڪيو جنهن سبب ڪيتريون عورتون به زخمي ٿي پيون آھن جن کي اسپتال نه آندو آھي.
پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.