تازه ترين

ٺارو شاهه ۾ عيد تي پراسرار نموني گم ٿيل نينگري جو لاش هٿ

ٺارو شاهه ۾ عيد تي پراسرار نموني گم ٿيل نينگري جو لاش هٿ آيو آهي.

ڪلهوڙا ڪالوني مان عيد تي گم ٿيل نينگري دعا سولنگي جو ڪپڙن کان آجو ۽ تشدد ٿيل لاش ڪيلن جي باغ مان مليو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتي اسپتال ۾ ايم ايس ۽ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب لاش ٽن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيو.

ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر حميد انصاري اسپتال پهچي نوشهروفيروز مان ليڊي ڊاڪٽرياڻين جي ٽيم گهرائي نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪرايو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

ليڊي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي نوشهروفيروز صدام خاصخيلي اسپتال پهچي ويو، سندس چوڻ آهي ته نينگري جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
34.7 ° C
34.7 °
34.7 °
9 %
9.3kmh
34 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون