ٺارو شاهه ۾ ڳوٺاڻن طرفان نديم سولنگي تي حملو ڪري ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڳوٺ ٻڍل سولنگي جي ڳوٺاڻن زخمي نديم سولنگي، گلزار، مور سولنگي ۽ ٻين ٿاڻي جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته جمعي ڏينهن نديم سولنگي نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پيشي بعد ڳوٺ اچي رهيو هو ته راشد سولنگي، حميد، اقبال سولنگي ۽ ٻين کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.
هنن چيو ته هو واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتا ته ايس ايڇ او بااثرن جي ونگار وهندي کين ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪيس داخل نه ڪيو.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ايس ايڇ او کي هٽائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.