ٺري ميرواهه ۾ عورت جو مڙس ۽ سهري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ٺري ميرواهه ۾ ڳوٺ محمد معروف شر جي رهواسڻ ريحانه شر اڳوڻي مڙس ۽ سهري جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ ريحانه شر الزام هڻندي چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ صيف الله کيس طلاق ڏني هئي جنهن بعد ٻارن سميت پيءُ جي گهر ۾ رهان ٿي.

هن چيو ته اڳوڻو مڙس صيف الله، اسد الله، ۽ رفيع الله شر وارن مان خطرو آھي هو کيس اغوا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن.

سندس چوڻ هو ته ٻارڙن جو  خرچ وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو آھي، اڳوڻو مڙس ۽ سهرو بااثرن سان ملي کيس نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا.

احتجاج ڪندڙ عورت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کيس  انصاف فراهم ڪيو وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.4 ° C
19.4 °
19.4 °
29%
2.6m/s
0%
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون