ٺل ۾ دڪاندار معظم نوناري جي قتل خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي
رهبر چوڪ تي لڳايل احتجاجي ڪيمپ تي مقتول دڪاندار جي وارثن، شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس دڪاندار معظم نوناري جي قاتلن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي.
هنن چيو ته قتل ٿيل دڪاندار معظم نوناري جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو.


