ٺٽي ۾ سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان ڍڳن جي ڍوڙ جا دلچسپ مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ ڍوڙ کٽيندڙن کي انعام سان نوازيو ويو.
لاڙ واري خطي ۾ تاريخي طور تي ثقافتي وندر طور ڍڳن جي ڍوڙ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ٺٽي ڀرسان شاھ مراد گرائونڊ تي ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرايا ويا.
دولھه درياهه خان ۽ مهراڻ ٽيمن پاران ڍڳن جي مشھور شوقين خفتين مرحوم حاجي نواز علي بروهي ۽ مرحوم طيب سرڪي جي ياد ۾ ڍڳن جا مقابلا ڪرايا ويا.
مقابلي ۾ ٺٽي سجاول ۽ بدين جي ڍڳن جي شوقين خفتين پنهنجا ڍڳا ڍوڙائڻ لاءِ آندا
عبدالجميد جوڻيجو، موسيٰ شيدي، حاجي خيرو، ڪهيو رئيس، جمال چانگ، پپو گجر ۽ ٻين جي ڀلوڙ ڍڳن کي ڍوڙ جي ميدان تي لاٿو ويو.
تقريب ۾ اوقاف جي صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي، راندين واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري، ضلعي اسپورٽس آفيسر علي اظھار بروهي ۽ ٻين ڊوڙ کٽيندڙ ڍڳن جي مالڪن کي انعامن سان نوازيو.
ان موقعي تي صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي چيو ته سنڌ جي ثقافتي سرگرمين سميت ثقافتي ۽ قومي راندين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته پهريون ڀيرو ڍڳن جي ڍوڙ جا مقابلا سرڪاري سطح تي ڪرايا ويا آھن ۽ ڍڳن جي ڍوڙ، ملھه ملاکڙن ۽ ونجھه وٽي سميت مختلف ثقافتي راندين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


