تازه ترين

ٺٽي ۾ سي آئي اي پوليس ڪارروائي ڪري 50 لک روپين جي ماليت جو گٽڪو ۽ ٻيو سامان هٿ

ٺٽي ۾ سي آئي اي پوليس ڪارروائي ڪري 50 لک روپين جي ماليت جو گٽڪو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

سي آئي اي پوليس ٺٽو جي انچارج عبدالله ٻرڙو ٻڌايو تھ ناڪابندي دوران هڪ ڊمپر جي چيڪنگ دوران 3 سئو ٻوريون سوپاريون ۽ تيار گٽڪو هٿ ڪيو ويو.

ھن چيو تھ ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن وحيد الله پٺاڻ ۽ ذاڪر الله پٺاڻ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏھن تھ مک جوابدار اڪرام الله پٺاڻ ۽ عبدالجبار پٺاڻ فرار ٿي ويا.

ڊي ايس پي ٺٽو لياقت جسڪاڻي چيو تھ ٺٽي جي تاريخ ۾ سي آئي اي پوليس جي سڀ کان وڏي ڪارروائي آھي، 39 سئو ڪلو سوپاريون ۽ گٽڪو ھٿ ڪيو ويو.

ھن چيو تھ باجوڙ سان تعلق رکندڙ منشيات فروشن ڪراچي کان ٺٽي سميت ٻين علائقن ۾ گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سپلائي ڪندا ھئا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون