- Advertisement -
ٺٽي ۾ مڪلي چاڙھي وٽ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
رات دير سان رضوان سمون سوزوڪي ۾ چوپايو مال کڻي جبل وڃي رهيو هو مڪلي چاڙهي وٽ موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن کيس گوليون هڻي زخمي ڪيو.
زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
رضوان سمون جو مڙهه اباڻي ڳوٺ محسن سمون آندو ويو، مڙهه گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.
رضوان سمون جي جنازي نماز ڳوٺ محسن سمون ۾ ادا ڪئي ويندي.- Advertisement -
