تازه ترين

ٺٽي ۾ نوجوان جو لاش هٿ, وارثن جو احتجاج

ٺٽي ۾ نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري مڙهه قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ٺٽي ۾ خوني تلاءَ ويجهو نوجوان جو لاش مليو.

نوجوان جي ذوهيب عرف بوبو سمون طور سڃاڻپ ٿي.

اطلاع ملڻ تي وارث ۽ شهري واقعي واري هنڌ پهتا.

وارثن طرفان نوجوان جو لاش پريس ڪلب اڳيان قومي شاهراهه تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جي خوف سبب واهه ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان زوهيب سمي جو لاش مليو آهي، پوليس جي سرپرستي ۾ شهر اندر منشيات ۽ آئس جا اڏا هلي رهيا آهن.

نوجوان جي ڀاءُ الهڏنو سمون الزام هڻندي چيو ته پوليس جي خوف سبب سندس ڀاءُ تلاءَ ۾ ٽپو ڏنو جنهن جو لاش مليو آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل نوجوان ذوهيب  نشي جو عادي ۽ منشات وڪرو ڪندڙ هو .

هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن دوران نوجوان ذوهيب سمون پوليس کي ڏسي فرار ٿيندي خوني تلاءُ ۾ ڪري فوت ٿي ويو.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ  هو ته وارثن جي خاطري لاءِ نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جيڪڏهن ته ڪنهن اهلڪار تي الزام ثابت ٿيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون