ٺٽي جي علائقي جهرڪ ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري قتل جي ٻن مختلف ڪيسن ۾ گهربل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا.
جهرڪ ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي دوران 22 سال اڳ ٿيل قتل جي ڪيس ۾ مسلسل روپوش رهندڙ ڏوهاري عاشق علي عرف حاڪي کوسو کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس گرفتار جوابدار وٽان رپيٽر ۽ ڪارتوس به هٿ ڪري ورتا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار 22 سال اڳ پنهنجي مائٽ ٽوهر کوسو کي بيدردي سان قتل ڪري سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري مختلف ضلعن ۾ روپوش رهي ڏوهي سرگرميون ڪندو رهيو.
جهرڪ پوليس هڪ ٻي ڪارروائي دوران 3 سال اڳ زمين جي تڪرار تان انور مگسي کي قتل ڪندڙ اشتهاري ڏوهاري ضمير حسين کوسو کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس گرفتار جوابدار وٽا ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ٺٽي جي هدايتن تي ڏوهاري خلاف ڪارروايون تيز ڪندي قتل جي ڪيسن ۾ گهربل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب، شروعاتي جاچ دوران ٻنهي جوابدارن ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.