تازه ترين

ٺڪراٺي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر سکر مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 2 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏيا

ٺڪراٺي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر سکر مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 2 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏيا

ڊرگ انسپيڪٽر سکر ميڊم شفق چاچڙ پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا ھڻي  غير قانوني ھلندڙ 2 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏيا.

ڇاپي دوران ميڊيڪل اسٽورن تان وڏي مقدار ۾ مُدي خارج دوائون به ھٿ ڪيون ويون آھن.

ڊرگ انسپيڪٽر شفق چاچڙ ٻڌايو ته عوامي شڪايتن تي ٺڪراٺو پھتي بنا لائيسنسن جي ھلندڙ خالد سوڍڙو ۽ اسد مھتم جي ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪيو آھي.

هن چيو ته ٻين ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي سختي سان ھدايتون ڏنيون آھن ته پنھنجا لائسنس ٺھرائي بعد ۾ اسٽور کوليو.

ڊرگ انسپيڪٽر وڌيڪ چيو ته ڇاپن دوران اسٽورن تان مدي خارج دوائون به ھٿ ڪيون آھن ۽ غيرقانوني اسٽور ھلائيندڙن خلاف اھڙيون ڪارروايون جاري رکيون وينديون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون