تازه ترين

ٻارڙا قوم جو اثاثو آهن، نينگري فاطمه ڦرڙو قتل جهڙا واقعا افسوسناڪ آهن،مهرين ڀٽو

اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو آهي ته ٻارڙا قوم جو اثاثو آهن، نينگري فاطمه ڦرڙو قتل جهڙا واقعا افسوسناڪ آهن، فاطمه سان پيش آيل واقعي تي سڄي قوم ڏکيويل آهي، پ پ ڏک جي گهڙي ۾ متاثر خاندان سان گڏ بيٺل آهي، پيپلز پارٽي انصاف جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندي.

 اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو راڻيپور جي حوالي ۾ مبينا تشدد دوران قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.

ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، نينگري فاطمه ڦرڙو جي والدين سان ملاقات ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.

اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو فاطمه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت به ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو سان ظلم ٿيو آهي ساڻس هر صورت ۾ انصاف ٿيندو هو سندس وارثن سان گڏ آهن.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ڏک جي گهڙيءَ ۾ فاطمه ڦرڙو جي خاندان سان گڏ بيٺل آهي، هوءَ فاطمه جو ڪيس هر فورم تي پاڻ وڙهندي.

سندس چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ هر فورم استعمال ڪيو ويندو، پ پ انصاف جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندي.

اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار گرفتار آهي، حنا شاهه ضمانت حاصل ڪئي آهي، نينگري جا والدين ڪنهن دٻاءَ ۾ نه اچن، مونيڪا لاڙڪ سميت جيڪي به نياڻيون قتل ٿيون آهن سندن جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون