تازه ترين

ٻوڏ متاثر آبپاشي نظام جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، گهرن جي اڏاوت جو منصوبو 500 ملين ڊالر جو آهي:سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثر آبپاشي نظام جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، گهرن جي اڏاوت جو منصوبو 500 ملين ڊالر جو آهي. سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجيَ بينهسن ۽ سندس ٽيم سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڊولپمينٽ پورٽ فوليو جي اڳڀرائي تي ڳالهيون ويون. وڏي وزير جو چوڻ هو ته 3 ڏهائي هڪ ملين ڊالر جي ماليت وارا عالمي بئنڪ جا تيرهن منصوبا جاري آهن، رقم مان هڪ ڏهائي 3 ملين ڊالر ورلڊ بئنڪ جاري ڪيا. هن چيو ته ايس ايِ آر پي 500 ملين ڊالرن جو پراجيڪٽ آهي، جيڪو 31 ڊسمبر 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندو. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر هلندڙ سال 2 ڏهائي 12 ملين ڊالر جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير چيو ته گهرن جي اڏاوت جو منصوبو 500 ملين ڊالر جو آهي، ورلڊ بئنڪ فلڊ هائوسنگ پراجڪيٽ کي بهترين منصوبو قرار ڏنو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فلڊ هائوسنگ جون 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته موبيلٽي پراجيڪٽ تحت ٻه ڄام صادق پل تعمير ڪيون ويون آهن، ڄام صادق پل لاءِ پلنگ ورڪ جي شروعات ٿي وئي آهي. هن چيو ته بي آر ٽي ييلو لائن جي بس ڊيپو ٽو تي ڪم شروع ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون