تازه ترين

ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم بابت پيپلزپارٽي واضح موقف ڏئي چڪي آهي:نثار کهڙي

- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم بابت پيپلزپارٽي واضح موقف ڏئي چڪي آهي، پاڻيءَ تي پهريون حق سنڌ جو آهي بعد ۾ ڪنهن ٻئي جو آهي. دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي ۾ 180 ڪارڪن شهيد ٿي ويا هئا، افسوس آهي ته شهيدن جي ڊي اين اي ٽيسٽ به نه ٿي هئي. سندس چوڻ هو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ حيدرآباد ۾ هٽڙي باءِ پاس تي ڪري رهيا آهن. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم بابت پيپلزپارٽي واضح موقف ڏئي چڪي آهي، پاڻيءَ تي پهريون حق سنڌ جو آهي بعد ۾ ڪنهن ٻئي جو آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي هنگامو ڪرڻ، اسيمبلين تي حملا ڪري گيٽن تي لتون هڻڻ جمهوري ادارن جي بيحرمتي آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته ڪي پي جي ماڻهن کي اسلام آباد لاءِ نٿو روڪي سگهجي پر جمهوريت کي نقصان نه پهچائن، عام چونڊن بعد سندن پهريون جلسو حيدرآباد ۾ ٿي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون