ٻي ون ڊي ميچ ۾ صائم ايوب جي شاندار سنچريءَ عيوض پاڪستان زمبابوي کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست سيريز هڪ هڪ سان برابر ڪري ڇڏي.
بلوايو ۾ کيڏيل ون ڊي سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 145 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ ابرار احمد 4، سلمان آغا 3، صائم ايوب ۽ فيصل اڪرم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
زمبابوي طرفان ڊيون ميرس 33 ۽ سين وليمز 31 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ميزبان ٽيم طرفان مليل 146 رنسن جو حدف قومي ٽيم بنا ڪنهن نقصان جي 18 ڏهائي 2 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان نوجوان بيٽر صائم ايوب سترهن چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان 53 بالن تي پنهنجي ڪيريئر جي پهرين سنچري ٺاهي، جڏهن ته عبدالله شفيق 32 رنسون ۽ صائم ايوب 113 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ واپس موٽيا.
پاڪستان جي ڪاميابيءَ بعد ٽن ميچن واري سيريز هڪ هڪ سان برابر ٿي وئي آهي.
شاندار سنچريءَ تي صائم ايوب کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو……….