تازه ترين

ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

دبلن ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ ميزبان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

آئرش ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ ستن وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون.

آئرلينڊ طرفان لورسن ٽَڪَر 73، اينڊي 35 ۽ هيري ٽيڪٽر 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريديءَ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3 شڪار ڪيا، عباس آفريدي 2، محمد عامر ۽ عماد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آئرلينڊ طرفان مليل 179 رنسن جو حدف قومي ٽيم  چئن وڪيٽن جي نقصان تي  سترهن اوورن ۾ پورو ڪري نه رڳو ميچ کٽي ورتي پر سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پاڪستاني ٽيم بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته سائم ايوب 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪري ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اعظم خان ڇهن بالن ۾ ارڙهن رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

بابر اعظم 42 بالن تي پنجن ڇڪن ۽ ڇهن چوڪن جي مدد سان 75 رنسن جي تيزرفتار اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد رضوان ٽن ڇڪن ۽ چئن چوڪن جي مدد 38 بالن تي 56 رنسون ٺاهيون.

آئرلينڊ طرفان مارڪ اڊيئر 3، ڪريگ يونگ  هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

چئن اوورن ۾ چوڏهن رنسون ڏئي 3 وڪيٽون وٺڻ تي شاهين  شاهه آفريديءَ  کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون