ٽنڊي آدم ۾ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام ۾ ايس ايڇ او سٽي ٽنڊوآدم طفيل ڀٽو ۽ وڏي منشي الله بخش ڊومڪي سميت 8پوليس اهلڪار معطل ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
ايس آءِ پي عبدالحڪيم لاکو جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ٻن فيڪٽرين تي ڇاپا هڻي 2هزار 4سئو 13ڪلو گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ھٿ ڪري ورتو.
ايس آءِ پي عبدالحڪيم لاکو محمدي گارڊن ويجهو فريد ڀٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي گٽڪي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي 2 هزار 73 ڪلو سپاريون پيڪنگ مشين، وزن مشين ۽ تيار گٽڪي جي 80پڙيون هٿ ڪري جوابدارن عامرڀٽي، عبدالرحمان ڀٽي، غلام حسين گجر، شهباز گجر، سرفراز گجر ۽ عبدالمالڪ گجر کي گرفتار ڪيو.
ٻي ڪارروائي ۾ آصف قريشي جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي آصف قريشي ۽ محمد فيصل قريشي کي گرفتار ڪري 3 سئو 50 ڪلو سپاريون ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو.
شروعاتي جاچ موجب، جوابدارن انڪشاف ڪيو ته ايس ايڇ او ٽنڊوآدم سٽي طفيل ڀٽو وڏي منشي الله بخش ڊومڪي ۽ ٻين اهلڪارن جي سرپرستي حاصل آهي.
ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ ايس ايڇ او سٽي ٽنڊوآدم طفيل ڀٽو، وڏي منشي الله بخش ڊومڪي، ڪانسٽيبل محسن کوکر، علي نواز سولنگي، محمد نواز چانڊيو، بقا محمد، عبدالقيوم ۽ نديم عرف آصف سيال کي معطل ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
پوليس موجب، گرفتار ڪيل منشيات فروشن، ايس ايڇ او طفيل ڀٽو، وڏي منشي ۽ ٻين ڇھن اهلڪارن خلاف منشيات ايڪت تحت ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايڇ او سميت ٻيا اھلڪار ٿاڻو ڇڏي فرار ٿي ويا.