تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٽنڊو آدم ۾ منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام تي 8 اهلڪار معطل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ٽنڊي آدم ۾ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام ۾ ايس ايڇ او سٽي ٽنڊوآدم طفيل ڀٽو ۽ وڏي منشي الله بخش ڊومڪي سميت 8پوليس اهلڪار معطل ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ايس آءِ پي عبدالحڪيم لاکو جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ٻن فيڪٽرين تي ڇاپا هڻي 2هزار 4سئو 13ڪلو گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ھٿ ڪري ورتو.

ايس آءِ پي عبدالحڪيم لاکو محمدي گارڊن ويجهو فريد ڀٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي گٽڪي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي 2 هزار 73 ڪلو سپاريون پيڪنگ مشين، وزن مشين ۽ تيار گٽڪي جي 80پڙيون هٿ ڪري جوابدارن عامرڀٽي، عبدالرحمان ڀٽي، غلام حسين گجر، شهباز گجر، سرفراز گجر  ۽ عبدالمالڪ گجر کي گرفتار ڪيو.

ٻي ڪارروائي ۾ آصف قريشي جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي آصف قريشي ۽ محمد فيصل قريشي کي گرفتار ڪري 3 سئو 50 ڪلو سپاريون ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو.

شروعاتي جاچ موجب، جوابدارن انڪشاف ڪيو ته ايس ايڇ او ٽنڊوآدم سٽي طفيل ڀٽو وڏي منشي الله بخش ڊومڪي ۽ ٻين اهلڪارن جي سرپرستي حاصل آهي.

ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ ايس ايڇ او سٽي ٽنڊوآدم طفيل ڀٽو، وڏي منشي الله بخش ڊومڪي، ڪانسٽيبل محسن کوکر، علي نواز سولنگي، محمد نواز چانڊيو، بقا محمد، عبدالقيوم ۽ نديم عرف آصف سيال کي معطل ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پوليس موجب، گرفتار ڪيل منشيات فروشن، ايس ايڇ او طفيل ڀٽو، وڏي منشي ۽ ٻين ڇھن اهلڪارن خلاف منشيات ايڪت تحت ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايڇ او سميت ٻيا اھلڪار ٿاڻو ڇڏي فرار ٿي ويا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15 %
1kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون