ٽنڊي باگي ۾ نينگري کي پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، نينگري جي والد علي شير چانڊيو جو چوڻ آهي ته سندس نياڻي جون ڄنگهون ڦري ويون آهن ۽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وئي آهي جڏهن ته ملڪاڻي اسپتال جي ڊاڪٽر چيو ته نينگري کي پوليو آهي.
ڳوٺ رئيس نظر علي چانڊيو واسي علي شير چانڊيو جي پنجن ورهين جي نينگري کي پوليو هئڻ جو شڪ ظاھر ڪيو ويو.
نينگري جي والد علي شير چانڊيو ٻڌايو ته سندس نياڻي جون ڄنگهون ڦري ويون آهن ۽ هوءَ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وئي آهي.
هن چيو ته هو پنهنجي نياڻي کي ملڪاڻي شھر جي اسپتال کڻي ويو جتي ڊاڪٽرن چيو ته نينگري کي پوليو آهي انڪري پوليو وارن سان رابطو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جھڏو جي سينيئر ڊاڪٽرن به پوليو هجڻ جو ٻڌايو ويو آھي پر هن وقت تائين سرڪاري طور پوليو جي ٽيم سندن وٽ ناهي پهتي هو انتهائي غريب آهن وٽن ايترا پئسا ناهن جو علاج ڪرائي سگهن.
نينگري جي والد سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ۽ ڊپٽي ڪشمنر بدين ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي..