ٺٽي ۾ سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
آبادگارن پاران ڪريم بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو-ڪراچي قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ بعد واپارين في مڻ تي ھڪ ھزار کان 15 رپيا اگھھ گھٽائي ڇڏيا آھن.
ھنن نگران وڏي وزير کي اپيل ڪئي تھ معاملي جو نوٽيس وٺي سارين جو مناسب اگهه مقرر ڪيو وڃي