ٽنڊي مير علي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙ جي قتل جو 17 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو .
سرڪار جي مدعيت ۾ 15 سڃاتل ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪنب ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ ثابت، لعل بخش، شاهنواز، ڪاشف، مولاداد، واحد بخش، ظهور احمد، ارشاد، فياض، موج علي، نصر الله، هوت فقير، قدير ڄامڙو، ڏاڙهون خاصخيلي سيمت 17 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان جوابدارن موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي پوليس پهتي تي جوابدارن سڌي فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن نتيجي ۾ اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙو شهيد ٿي ويو هو.