- Advertisement -
خانپور ويجهو مسافر ڪوچ جو گڏهه گاڏي کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ ربنواز ٻرڙو فوت ٿي ويو آهي ۽ عطا حسين ٻرڙو ۽ سمندر جوڻيجو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته حادثي ۾ گڏهه به مري ويو ۽ گاڏو تباهه ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ جو ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي، ڪوچ تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏي آهي.
فوتي پورهيت جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
