تازه ترين

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڀارت خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارتي ٽيم انگلش ٽيم کي کٽڻ لاءِ 172 رنسن جو هدف ڏنو.

روهت شرما ۽ سوريا ڪمار ياديو ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، روهت شرما 57 ۽ سوريا ڪمار ياديو 47 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

ان کان علاوه ڀارت جي اسٽار بيٽر ويرات ڪولهي صرف 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته ريشڀ پنت صرف 4 رنس ٺاهي سگھيو جڏهن ته هارديڪ پانڊيا 23، اڪشتر پيٽل، 10 ۽ رويندرا جاڊيجا 17 رنسون ٺاهيون.

انگلينڊ طرفان ڪرس جورڊن 3 جڏهن ته ٽوپلي، راشد، آرچر ۽ سيم ڪرن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

انگلش ٽيم سٺي راند جو مظاهرو نه ڪري سگھي، سڄي ٽيم 103 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هيري بروڪ سڀ کان وڌيڪ 25 رنس اسڪور ڪيو جڏهن ته جوز بٽلر 23 رنسون ٺاهيون.

ڀارتي بالر اڪشر پٽيل ۽ ڪـُلديپ ياديو 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جسپرٽ بمرا ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

واضع رهي ته پهري سيمي فائنل ۾ افغانستان آساني سان 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڏکڻ آفريڪا فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون