تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

- Advertisement -
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڀارت خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارتي ٽيم انگلش ٽيم کي کٽڻ لاءِ 172 رنسن جو هدف ڏنو. روهت شرما ۽ سوريا ڪمار ياديو ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، روهت شرما 57 ۽ سوريا ڪمار ياديو 47 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ان کان علاوه ڀارت جي اسٽار بيٽر ويرات ڪولهي صرف 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته ريشڀ پنت صرف 4 رنس ٺاهي سگھيو جڏهن ته هارديڪ پانڊيا 23، اڪشتر پيٽل، 10 ۽ رويندرا جاڊيجا 17 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ طرفان ڪرس جورڊن 3 جڏهن ته ٽوپلي، راشد، آرچر ۽ سيم ڪرن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. انگلش ٽيم سٺي راند جو مظاهرو نه ڪري سگھي، سڄي ٽيم 103 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هيري بروڪ سڀ کان وڌيڪ 25 رنس اسڪور ڪيو جڏهن ته جوز بٽلر 23 رنسون ٺاهيون. ڀارتي بالر اڪشر پٽيل ۽ ڪـُلديپ ياديو 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جسپرٽ بمرا ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. واضع رهي ته پهري سيمي فائنل ۾ افغانستان آساني سان 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڏکڻ آفريڪا فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون