ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ فاسٽ بالر نسيم شاهه گرائونڊ ۾ ئي روئي پيو.
نيويارڪ جي ناسائو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گذريل رات ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو.
قومي ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي بيٽسمينن کي 119 رنسن تي آل آئوٽ ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وئي پر بالرن جي شاندار ڪارڪردگي باوجود ٽيم ميچ کٽي نه سگهي.
قومي ٽيم مليل 120 جي هدف تي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 113 رنسون ٺاهي سگهي، اهڙي طرح ڀارت کي 6 رنسن تان ڪاميابي ڏياري، نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي آخري بال تي وڪيٽ تي موجود هئا.
نسيم شاهه، جنهن ٽيم کي کٽرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، پاڪستان جي شڪست کانپوءِ اداس ٿي ويو ۽ روئي ڏنو، جنهن کي نه رڳو ساٿي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي دلاسو ڏنو پر ڀارتي ڪرڪيٽر به سندس ڪلهي تي ٿپڪي هڻي آٿت ڏيندا رهيا.
سوشل ميڊيا صارفين سميت ڪيترن ئي پاڪستاني اداڪارن به نسيم شاهه جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي، ڪجهه صارفين ته اهو به چيو ته اسان لاءِ پاڪستاني ٽيم صرف نسيم شاهه ئي آهي….