پاڪستان، ڪينيڊا کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پنهنجي پهرين فتح حاصل ڪري ورتي آهي.
نيويارڪ ۾ کيڏيل ۾ ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪينيڊا جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ ستن وڪيٽن جي نقصان تي 106 رنسون ٺاهيون، ڪينيڊا طرفان ارون جانسن 52 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪوررر رهيو.
پاڪستان طرفان محمد عامر ۽ حارث رئوف 2-2، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڪينيڊا طرفان مليل 107 رنسن جو حدف قومي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي سترهن ڏهائي 3 اوورن ۾ پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪئي.
بابر اعظم 33 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته محمد رضوان 53 رنسن جي ناٽ اننگز کيڏي.
شاندار بالنگ تي محمد عامر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.