ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 14هين ميچ دوران وڏو اپ سيٽ ٿي پيو، افغانستان جي ٽيم نيوزيلينڊ کي 84 رنسن تان شڪست

- Advertisement -
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 14هين ميچ دوران وڏو اپ سيٽ ٿي پيو، افغانستان جي ٽيم نيوزيلينڊ کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پروويڊنس ۾ کيڏيل مئچ دوران نيوزيلينڊ ٽاس کٽي افغانستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني، افغانستان نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 160 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. افغانستان طرفان رحمان الله گرباز شاندار بيٽنگ ڪندي 80 رنسون اسڪور ڪيون، ابراهيم زردان 44 ۽ عظمت الله عمرزئي 22 رنسون اسڪور ڪيون. افغان اوپنرن نيوزيلينڊ خلاف 103 رنسن جي شاندار شروعات ڪئي، افغانستان مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ ۽ ميٽ هينري 2-2 جڏهن ته فرگوسن هڪ وڪيٽ ورتي. نيوزيلينڊ جي ٽيم اننگز جي شروعات ۾ ئي مليل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، افغان بالرن پنهنجي نفيس ۽ گهمندڙ بالن سان ڪيويز بيٽسمينن کي لتاڙي ڇڏيو. نيوزيلينڊ طرفان گلين فلپس 18 رنسون ۽ ميٽ هينري 12 رنسون اسڪور ڪيون، باقي رانديگر سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا، پوري ٽيم 15.2 اوورن ۾ 75 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. افغانستان طرفان فضل حق فاروقي ۽ راشد خان 4-4 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته محمد نبي ٻه وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت افغانستان اها ميچ 84 رنسن تان کٽي ورتي. واضح رهي ته افغانستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ يوگنڊا کي 125 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
24%
3.3m/s
1%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون