- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ لاءِ گهران شروعات ڪرڻي پوندي.
اسلام آباد ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن تي سيمينار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڏهن انساني گرمي پد وڌندو آهي ته مطلب اهو بيمار ٿي رهيو آهي، رڳو هڪ ڊگري وڌڻ تي بخار ٻڌايو ويندو آهي.
هن چيو ته اڄ زمين بيمار آهي، ان کي بخار آهي، پلاسٽڪ ٺاهي ته وڃي پئي پر ان کي تباهه نه پيو ڪيو وڃي، هر ڊاڪٽر گوشت بدران سبزيون استعمال ڪرڻ جو چئي رهيو آهي، حضرت علي چيو ته پنهنجي معدي کي جانورن جو قبرستان نه ٺاهيو.
چيف جسٽس چيو ته ڊاڪٽرن کي صحت مند زندگيءَ لاءِ واڪ جي صلاح ڏيندا آهن، جسٽس منصور علي شاهه هائبرڊ گاڏين جو چيو پر کين پنڌ گهمڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اوهان چاهيو ته سمورن ججن کي سائيڪل ڏئي سگهجي ٿي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هنن قدرتي وسيلا ختم ڪري ڇڏيا آهن، هو قدرت کي ڄاڻڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، سائنس به هاڻي ٻڌايو آهي ته سامونڊي حياتيات سمنڊ جي پنهنجي بقا لاءِ ضروري آهن…………..- Advertisement -
