تازه ترين

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اقليتن جي حفاظت بابت قومي ڪميشن جو بل 2025ع اڪثريت راءِ سان منظور

- Advertisement -
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اقليتن جي حفاظت بابت قومي ڪميشن جو بل 2025ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو جڏهن ته مخالف ڌر ميمبر هنگامي ۽ نعريبازي کانپوءِ ايوان مان هليا ويا. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ اقليتن جي حفاظت بابت قومي ڪميشن جو بل 2025ع پيش ڪيو. بل صدر آصف علي زرداري طرفان بحث لاءِ واپس اماڻيو ويو هو، پيپلزپارٽي بل جي حمايت ڪئي جڏهن ته پ پ جي سينيٽر عبدالقادر پٽيل مخالفت ڪري ڇڏي ۽ ايوان مان هليو ويو. ايمل ولي خان به بل جي مخالفت ڪئي، مخالف ڌر طرفان سخت نعريبازي سبب اسپيڪر ۽ قانون واري وفاقي وزير هيڊ فون لڳائي ڇڏيا. بل جي حق ۾ 160 ۽ مخالفت ۾ 79 ووٽ پيا آهن. مخالف ڌر جي مطالبي تي شق 35 کي بل مان ڪڍيو ويو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته ڪميشن جو مقصد اقليتي برادري جي حقن جي حفاظت آهي، قرآن ۽ سنت خلاف ڪو به ڪم نه ٿيندو، اقليتي ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم ڪئي پئي وڃي، پاڪستاني قانون تحت قادياني مسلمان نه آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون