- Advertisement -
بنون ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت چار ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ميران شاهه روڊ تي هٿياربندن اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان جي گاڏي تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب، هٿياربندن اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت چئن ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي به ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ زخمي اهلڪار جا هٿ به ڦر ڪري گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ثبوت گڏ ڪيا.- Advertisement -
